رباني عبدالحق مولانا

رباني عبدالحق مولانا

رباني عبدالحق مولانا

رباني عبدالحق، مولانا: سنڌ جو ناميارو بزرگ مولانا عبدالحق رباني ولد محمد رمضان 1910ع ڌاري نصرپور ۾ ڄائو. سندس اصل نالو محمد وريل هو. ننڍپڻ ۾ ئي سندس والد لاڏاڻو ڪري ويو، پوءِ کيس چاچن نپايو. مولانا عبدالحق رباني ننڍپڻ کان وٺي داناءُ ۽ متقي شخص رهيو. هن حافظ خدابخش قاضيءَ کان قرآن مجيد ۽ سنڌي ٻئي درجي تائين تعليم حاصل ڪئي. هن پنهنجي چاچي قاضي تاج محمد جي مدرسي مان عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪئي. 1931ع ڌاري وڌيڪ ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مولانا صاحب هندستان جي نامياري ’مدرسه ديوبند‘ ۾ ويو. مولانا صاحب جن استادن جي سرپرستيءَ هيٺ تعليم پرائي، انهن ۾: مولانا محمد ابراهيم، مولانا حسين احمد مدني، مولانا شبير احمد عثمان ۽ مولانا اعزاز علي وغيره شامل آهن. مولانا عبدالحق جي استادن سندس ذهانت کان متاثر ٿي هن جو نالو محمد وريل مان مٽائي عبدالحق رکيو. هن حديث جي وڌيڪ تعليم سنڌ جي نامياري عالم مولانا عبيدالله سنڌيءَ کان حاصل ڪئي.
مولانا عبدالحق ربانيءَ ڪيترا ديني مدرسا قائم ڪيا، جن مان بازار حيدرآباد'>شاهي بازار حيدرآباد وارو مدرسو پڻ هڪ آهي. ان کان سـواءِ هـن نصرپور شهر ۾ ’مدرسه مظهرالحق‘ ۽ ميرپورخاص ۾ پڻ هڪ مدرسو کوليو، جنهن ۾ اڃا تائين شاگرد ديني تعليم سان فيضياب ٿي رهيا آهن.
مولانا عبدالحق رباني، ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ زوردار حصو ورتو. ڪيترا ڀيرا جيل پڻ ويو. ديني تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ هن ديني رسالا به ڪڍيا، جن ۾: ’مبلغ‘ ۽ ’عدل‘ سرفهرست آهن.
مولانا عبدالحق رباني آخري عمر ۾ پيپلز پارٽيءَ ۾ به شامل ٿيو. سندس بيباڪيءَ ۽ سنڌ دوستيءَ جو بي مثال ثبوت اهو آهي ته هن سنڌ جي قومي مسئلن تي پنهنجي پارٽيءَ جي به مخالفت ڪئي، ۽ پيپلز پارٽيءَ جي دؤر ۾ قيد ۾ پڻ رهيو.
مولانا عبدالحق رباني 19 ڊسمبر 1983ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو